ڀڳوان کلناڻي

ڀڳوان کلناڻي

ڀڳوان کلناڻي ساقي

ڀڳوان کلناڻي ”ساقي“: شاعر، اديب، مصور، موسيقار ۽ فنڪار ڀڳوان کلناڻي ”ساقي“ جو جنم 3 نومبر 1921ع تي ڀريا، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ٿيو. سندس تعلق ڪوڙي مل چندنمل کلناڻي جي خاندان سان هو. ابتدائي تعليم ڀريا مان حاصل ڪئي. ورهاڱي بعد ڀارت لڏي ويو، جتي مختلف اسڪولن ۾ استاد رهڻ کانپوءِ، جئه هند هاءِ اسڪول، پمپري، (پوني) مان هيڊماستر طور رٽائرڊ ٿيو. هندستان لڏي وڃڻ بعد مصوري کان ڪجهه عرصو پاسيرو رهيو، پر رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ چترتڪاري/مصوري، ڪارٽونس ۽ گيت سنگيت سان ٻيھر جُڙيو. هن شروع ۾ ناول لکيا. بعد ۾ سنڌي ۽ اردوءَ ۾ شاعري ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’ماسٽر جي‘ (ناول: 1950ع)، (2) ’راجو‘ (ناول: 1951ع)، (3) ’دلربايون‘ (شاعري: 1984ع)، (4) ’منھنجون آخري نادانيون‘ (شاعري: 1992ع)، (5) ’مستي پيريءَ جي‘ (شاعري)، (6) ’گستخايون‘ (شاعري)، (7) ’خاموشين سان ڳالهيون‘ (شاعري: 1997ع) ۽ هڪ انگريزي ڪتاب (Bubbles of Life (2 volumes شامل آهن. 8 مئي 2018ع تي پمپري، پوني (ڀارت) ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2018.05.08  عيسوي

ڀڳوان کلناڻي 8 مئي 2018ع تي پمپري، پوني (ڀارت) ۾ وفات ڪئي.


1921.11.03  عيسوي

شاعر، اديب، مصور، موسيقار ۽ فنڪار ڀڳوان کلناڻي ”ساقي“ جو جنم 3 نومبر 1921ع تي ڀريا، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زيب عاقلي
سيماب اڪبر آبادي
جعفر جاني
سنجر ڪاشاني
حاجي محمد اسحاق هالائي
ڀاونداس ڀاون
احمد شاڪر
بلوچ هدايت
رضوي ميون شاهه عنات
فاضل خان ٺٽوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون